اڇي تور/حاجي لق لق

اڇي تور/حاجي لق لق

اڇي تور/حاجي لق لق

اڇي تور/حاجي لق لق

اڇي تورحاجي لق لق

اڇي تور/حاجي لق لق White Stork Ciconia(پکي): هي ٻگهه پکيءَ جو هڪ قسم آهي، 100 کان 115 سينٽي ميٽر/ 45 انچن تائين جسامت رکندڙ هن پکيءَ جا نر ماد هڪ جهڙا هوندا آهن. هن پکيءَ جي پٺي ۽ پيٽ سميت سڄو جسم اڇو هوندو آهي، سندس پرن جي پوئين حصي جا کنڀ ڪارا هوندا آهن. هي تانگهن تلائن ۽ چشمن وغيره ۾ پاڻي جهاڳيندي مڇي ۽ ڏيڏر ڳوليندو آهي. هن پکيءَ کي اڇي تور حاجي لق لق به چوندا آهن ۽ ان جو سائنسي نالو White Stork Ciconia آهي. هن پکيءَ جو شڪار مڇي، ڏيڏر، ننڍڙا مماليه ۽ جيت ٿين ٿا. هي متوازن پختي ۽ هوريان اڏام ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن لامارا به ڏيندو آهي. اڏار دوران ڳچي اڳتي ۽ پير پوئتي ڪندو آهي. اڇي تور پکي لڏپلاڻ وقت ڊگهي سفر دوران تيز هوا ۾ مٿي کڄندو ۽ ڦيريون پائيندو آهي، هي نسل وڌائڻ کانپوءِ جوڙين ۽ ننڍن گروهن جي صورت سياري ۾ لڏ پلاڻ ڪندو آهي. ان دوران ڀونوچ سمنڊ کان پاسيرو ٿي ايندو آهي، ڇو ته کيس اهو گرمي پد ڀانءِ نه پوندو آهي. هي پکي وڻن يا عمارتن تي ڪاٺين جي ٿهي وانگر آکيرو ٺاهيندو آهي، جنهن جو وچ گاهه ۽ ڪانن وغيره سان ڀريل هوندو آهي. هي پکي يورپ ۽ اتر هندستان ۾ نسلي افزائش ڪندو آهي ۽ سياري ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ افريڪا ۾ هليو ويندو آهي. اڇي تور پکيءَ جي کنڀن جي پکيڙ 155 کان 165 سينٽي ميٽر ۽ وزن 3 کان 4 ڪلو گرام ٿئي ٿو. هن جي مادي اڇي رنگ جا 3 کان 5 آنا ڏئي ٿي.
هن پکيءَ بابت جرمني تــوڙي يورپ جي ڪن ٻين ثقافتن ۾ هڪ ڏندڪٿا مشهور آهي ته جڏهن ڪٿي ٻار ڄمڻ وارو هوندو آهي ته هي پکي ان گهر جي ڇت مٿان پيو اڏامندو آهي. سندس چهنب ۾ ڪپڙي ۾ ويڙهيل ننڍڙو مرڪندڙ ٻار هوندو آهي، جنهن کي هو ان گهر جي چانئٺ تي رکي ويندو آهي. چون ٿا ته اها ڏند ڪٿا ٻارن کي ان وقت ٻڌائي ويندي هئي، جڏهن هو ننڍيءَ عمر ۾ سوال ڪندا هئا ته ننڍڙا ٻار ڪٿان ۽ ڪيئن ٿا اچن. ان ڪري صدين کان ان پکيءَ کي ٻارن ۽ ڪٽنبن سان جوڙڻ جو رواج آهي. مختلف ملڪن جي ديومالائي قصن ۾ هن پکيءَ کي وفا جي علامت پڻ چيو ويو آهي، ڇو جو اهو سڄي عمر هڪ ئي ماديءَ سان گذاريندو آهي ۽ ڪيڏانهن به اڏامي وڃڻ جي صورت ۾ سال گذارڻ کانپوءِ به ساڳئي آکيري ۾ ساڳئي ساٿيءَ وٽ موٽي ايندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو